چرمي 2

چرمي 2 (لوڪ گيت): چرمي، ٿر جو هڪ مشهور لوڪ گيت آهي. هن لوڪ گيت ۾ بلال نالي هڪ شخص جو چرميءَ جي ٻوٽي سان پيار ڏيکاريل آهي، جنهن ۾ چرمي جي داڻن ۽ سون جو پاڻ ۾ بحث ڏيکاريو ويو آهي. ان بحث ۾ هر هڪ پاڻ کي اتم سمجھڻ جي هام هڻي ٿو. مثال:
سون: منهنجي بدبختي آهي، جو قيمتي هئڻ جي باوجود ڪاري منهن واري جي سامهون تورجان ٿو.
چرمي: منهنجو منهن ڪارو ڪڏهن به نه هو ۽ نه هجي ها، جيڪڏهن آءٌ تو (سون) سُوم (بخيل) سان نه تورجان ها.
چرمي گيت، مائي ڀاڳيءَ ۽ موهن ڀڳت ڳايو آهي. هن جا ٻول هن ريت آهن:
ايئي چرمي رو بلالي سان پيار،
گھوري جاوان چرمي نان...!


هن صفحي کي شيئر ڪريو